وقتي گورنر آغا سراج دراني چيو آهي ته جمهوريت لاءِ سڀ ڪجهه ڪنداسين، پر نواز شريف لاءِ ڪجهه به نه ڪنداسين

agha siraj durani bhit shah

وقتي گورنر آغا سراج دراني چيو آهي ته جمهوريت لاءِ سڀ ڪجهه ڪنداسين، پر نواز شريف لاءِ ڪجهه به نه ڪنداسين، مخالف ڌر ۾ اتحاد نه آهي، جنهن جي ڪري اها وفاق ۾نئب خلاف مضبوط آواز نه اٿاري سگهي آهي، ان جي باوجود پ پ پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪري رهي آهي.

ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 274هين عرس جي تقريبن جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني  چيو ته  پيپلز پارٽي سدائين عدالتن کي منهن ڏنو آهي، هاڻي نواز ليگ به عدالتن کي منهن ڏئي.

هن وڌيڪ چيو ته حالتون نوازشريف جي هٿ مان نڪري چڪيون آهن، نواز شريف کي هاڻي اسان جي ساٿ جي  ضرورت پئي آهي، اسان جمهوريت لاءِ سڀ ڪجهه ڪنداسين پر نواز شريف لاءِ ڪجهه به نه ڪنداسين.

وقتي گورنر چيو ته وفاق ۾ اپوزيشن جماعتن جي گڏ نه هئڻ ڪري اسان جو آواز سگهارو ناهي، وفاق ۽ اپوزيشن پارٽين ۾سازشون ٿي رهيون آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾آغا سراج دراني چيو ته سنڌ يونيورسٽي جو وي سي تجربيڪار آهي، شاگردياڻين کي حراسان ڪندڙن  خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ، وي سي ضرور ان معاملي تي ڪارروائي ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*