اسلام آباد ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سرچ آپريشن ڪري 21 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

isb map

اسلام آباد ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سرچ آپريشن ڪري 21 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، مختلف قسم جا هٿيار ۽ منشيات پڻ هٿ ڪئي وئي.

اسلام آباد جي ترنول ٿاڻي جي حد ۾ پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن گڏيل طور مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪيو.

سرچ آپريشن دوران 200 کان وڌيڪ گهرن جي تلاشي وٺي 350 ماڻهن جي چيڪنگ ڪئي وئي.

پوليس موجب آپريشن دوران شڪ جي بنياد تي 21 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو.

پوليس موجب سرچ آپريشن دوران مختلف قسم جا هٿيار ، روڪ رقم ۽ ساڍا 4 ڪلو هيروئن هٿ ڪيو ويو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*