ٺٽي ۾ ايڌي سينٽر جي تالا بندي خلاف سياسي سماجي ڌرين يارهين ڏينهن به احتجاجي تحريڪ جاري رکندي

thatta-06

ٺٽي ۾ ايڌي سينٽر جي تالا بندي خلاف  سياسي سماجي ڌرين يارهين ڏينهن به احتجاجي تحريڪ جاري رکندي، لينڊ مافيا جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سياسي، سماجي ڌرين پاران قائم ڪيل ايڌي بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ناٿو بروهي، نظير جاکرو، راجو قريشي، غلام مجتبي خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ماڻهن جي وڏي انگ لينڊ مافيا جو علامتي جنازو کڻي شيخ فريد چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍيو.

 جلوس شاهي بازار جو گشت ڪري قومي شاهراهه تي پهتو، جتي لينڊ مافيا جي علامتي جنازي جي تدفين ڪئي وئي.

هوڏانهن ٺٽي جي سڄاڻ ڌرين 11 ڏينهن گذرڻ باوجود ايڌي سينٽر جو مسئلو حل نه ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي، هلندڙ هفتي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*