ايم ڪيو ايم پاڪستان پارٽي ڇڏيندڙ ڊپٽي ميئر ارشد وهره خلاف قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

arshad vohra

ايم ڪيو ايم پاڪستان پارٽي ڇڏيندڙ ڊپٽي ميئر ارشد وهره خلاف قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن پاران ارشد وهره جي استعيفيٰ نه ڏيڻ سبب سندس خلاف ڪارروائيءَ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ويندو.

ايم ڪيو ايم پاڪستان ڊپٽي ميئر ڪراچي ارشد وهره پاران عهدي تان استعيفيٰ نه ڏيڻ تي سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ارشد وهره ايم ڪيو ايم پاڪستان ڇڏي پاڪ سرزمين پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو آهي، جڏهن ته هن پارٽي تبديل ڪرڻ کانپوءِ ڊپٽي ميئر جو عهدو نه ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن مطابق ايم ڪيو ايم پاڪستان ارشد وهره جي خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار ارشد وهره خلاف اليڪشن ڪميشن کي خط لکندو، جنهن ۾ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جو حوالو ڏنو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*