پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پنجاب حڪومت اسپتالن کي خانگائي رهي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين

Shah-Mehmood-Qureshi-101216

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پنجاب حڪومت اسپتالن کي خانگائي رهي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.

ملتان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي صحت کاتي جي ملازمن پاران سرڪاري اسپتالن کي خانگائڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ٿيو.

مظاهرين کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پنجاب حڪومت اسپتالن کي خانگائڻ واري عمل کي فوري بند ڪري.

هن چيو ته اسپتالن کي خانگائڻ کانپوءِ غريبن جوعلاج نه ٿي سگهندو، ميٽرو منصوبي کي سبسڊي ملي سگهي ٿي ته پوءِ صحت کاتي کي ڇو نه ملي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته حڪومتي ترجيحون درست ناهن، حڪومت جون ترجيحون رڳو ميٽرو ۽ اورينج ٽرين آهن، حڪمرانن جو عوام جي صحت ۽ تعليم ڏانهن ڪو به ڌيان ناهي.

شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ڪرپشن ملڪ کي اڏوهي جيان نقصان پهچائي رهي آهي، جنهن جي خاتمي تائين پي ٽي آءِ جي تحريڪ جاري رهندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*