محرابپور ويجهو دڪان تي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪئي،جنهن بعد علائقي واسين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

mehrabpurmap02-9

محرابپور ويجهو دڪان تي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪئي،جنهن بعد علائقي واسين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

نيون ٽائون واري علائقي پيروسڻ روڊ تي ٽن نامعلوم هٿياربندن دڪان تي ويٺل پ پ جي سينئر اڳواڻ غلام رسول راڄپر جي پٽ اعجاز راڄپر تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هو معجزانه طور بچي ويو.

واقعي خلاف راڄپر برادري ۽ پ پ ڪارڪنن عاشق حسين راڄپر، نياز محمد، نظر حسين، جاويد حسين، رياض احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري محرابپور ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو.

راڄپر برادري جي ماڻهن چيو ته واقعو هڪ کلي دهشتگردي آهي، حملي وارن مان خطرو آهي، کين فوري طور گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي محرابپور پوليس پيش آيل واقعي واري هنڌ پهچي علائقي واسين کان معلومات وٺي ٽن نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*