ڪوٽڙي ۾ جوابدار گهرو تڪرار تان فائرنگ ڪري پنهنجي ناٺي کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي

kotri

ڪوٽڙي ۾ جوابدار گهرو تڪرار تان  فائرنگ ڪري پنهنجي ناٺي کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 سستي بستي واري علائقي ۾جوابدار پسٽل جا فائر ڪري فرحان لاشاري کي قتل ڪري ڇڏيو.

خدا جي بستي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جوابدار عباس پنهور کي هٿيار سميت گرفتار ڪري لاش کي تحويل ۾ وٺي ڪوٽڙي جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتي لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارث کڻائي ويا.

خدا جي بستي پوليس جو چوڻ آهي ته جوبدار عباس پنهور گهرو تڪرار تان  گوليون هڻي پنهنجي ناٺي کي قتل ڪيو ، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*