پيپلزپارٽي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف سڀاڻي سنڌ ۾ مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

Nisar-Khoro-241016

پيپلزپارٽي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف سڀاڻي سنڌ ۾ مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ضلعي ۽ تعلقي هيڊ ڪوارٽرز ۾ مظاهرا ڪيا ويندا.

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف سڀاڻي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ جي سمورن ضلعن ۽ تعلقن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف سڀاڻي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته وفاقي حڪومت عوام کي سستي بجلي ۽ پيٽرول فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته پيٽرول ۽ بجليءَ جون قيمتون وڌائي عوام تي مهانگائيءَ جا بم ڪيرايا پيا وڃن.

سندس چوڻ هو ته دنيا ۾ پيٽرول سستو ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان ۾ مهانگو ٿي رهيو آهي.

نثار کهڙو چيو ته ثابت ٿي ويو آهي ته نواز ليگ ۾ ملڪ هلائڻ جي اهليت ناهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*