نوابشاهه ۾ 3 ڊسمبر تي ايڪتا ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي خوشي ۾ آجيان طور ثقافتي محفل رچائي وئي آهي

nawabshah

نوابشاهه ۾ 3 ڊسمبر تي ايڪتا ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي خوشي ۾ آجيان طور ثقافتي محفل رچائي وئي آهي.

درگاهه گهمڻي پير جي فقير لال محمد خاصخيلي ۽ ڄام ڀٽي پاران 3 ڊسمبر تي ايڪتا ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي خوشي ۾ آجيان طور ثقافتي صوفياڻي محفل رچائي، جنهن ۾ صوفي راڳين سيلاني فقير چانڊيو، عنايت علي خاصخيلي، غلام شبير سولنگي ۽ ٻين قومي گيت پڻ ٻڌايا.

انهيءَ موقعي تي محفل ۾ ويٺل ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا نوجوان، پوڙها ۽ ٻار وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا ۽ ثقافتي وڳا ويس پهري نوجوانن گيتن تي رقص ڪري خوشي جو اظهار ڪيو.

محفل ۾ شرڪت ڪندڙ ڳوٺاڻن چيو ته اسان محترم علي قاضي جا ٿورائتا آهيون، جنهن اسان کي پنهنجو وسريل سبق ياد ڏياريو آهي ۽ اسان 3 ڊسمبر ڀرپور نموني سان ملهائينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*