ٽنڊي ڄام ۾ خراب ٿيل ايل سي ڊي کي ٺاهڻ دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڀاءُ فوت ۽ ٻيو ڀاءُ مرڻينگ ٿي پيو

Tando-Jam-24-2-16

ٽنڊي ڄام ۾ خراب ٿيل ايل سي ڊي کي ٺاهڻ دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڀاءُ فوت ۽ ٻيو ڀاءُ مرڻينگ ٿي پيو.

شهيد رستم روڊ تي هڪ هوٽل ۾خراب  ايل سي ڊي کي ٺاهڻ دوران  ببلو راجپوت کي ڪرنٽ لڳو، جنهن کي بچائڻ جي ڪوشش دوران سندس ڀاءُ محمد علي به ڪرنٽ لڳڻ  سبب مرڻينگ ٿي پيو.

ٻنهي ڀائرن کي بيهوشي واري حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ببلو راجپوت فوت ٿي ويو، جڏهن ته محمد علي اڃان تائين اسپتال ۾ داخل آهي، سندس حالت سڌرندڙ ٻڌائي وڃي ٿي.

هوڏانهن نوجوان ببلو جو لاش ٽنڊي ڄام ۾ سندس گهر آندو ويو، جتي ماتم متل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*