ٺاروشاهه ۾ زمين جي مالڪي تان سيال برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

tharushah

ٺاروشاهه ۾ زمين جي مالڪي تان سيال برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ،  جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ڳوٺ ڀنگو سيال ۾ زمين جي تڪرار تان سيال برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري 3 ڄڻا شهزاد، معين ۽ بخشل سيال سخت زخمي ٿي پيا.

جڏهن ته هڪ ڄڻي شهزاد سيال کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوشهروفيروز اسپتال نيو ويو.

ٻئي طرف ٺاروشاھ ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين جي 6 ڄڻن مٿان اين سي داخل ڪئي وئي آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي  ڌرين جي وچ ۾ تڪرار وڌڻ جو پڻ خدشو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*