وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پيپلز پارٽي سميت ڪا به سياسي جماعت عام چونڊن واري عمل ۾ رنڊڪ نه وجهي ۽ نه ئي ووٽ ذريعي حڪومت ٺاهڻ وارو حق عوام کان واپس نه وٺڻ گهرجي

khuwaja saad rafiq

وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پيپلز پارٽي سميت ڪا به سياسي جماعت عام چونڊن واري عمل ۾ رنڊڪ نه وجهي ۽ نه ئي ووٽ ذريعي حڪومت ٺاهڻ وارو حق عوام کان واپس نه وٺڻ گهرجي، آصف زرداري سان ملاقات لاءِ بيتاب ناهيون.

لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق چيو ته پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جو رويو جمهوري ناهي، آصف زرداري ڪنهن نامعلوم ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته ووٽ ذريعي حڪومت ٺاهڻ جو حق عوام کان واپس نه وٺڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ نون آدمشماريءَ جا نتيجا دل سان قبول ڪيا آهن، اسان کي قوم جي ترجماني ڪرڻي آهي، منهن تي پٽي ٻڌي نه ٿا ويهي سگهون.

خواجه سعد رفيق چيو ته پنجاب جون ٽوٽل 9 سيٽون گهٽ ٿيون آهن، آصف زرداري ۽ جلسي وارا اسان سان گڏجي آدمشماري بابت ڳالهائن.

هن چيو ته جيڪو ماڻهو جلسا ڪري رهيو آهي تنهن کي وڏي تڪڙ آهي، نواز شريف عدالت ۾ پيشي لاءِ ئي ڏيهه واپس آيو آهي.

خواجه سعد رفيق وڌيڪ چيو ته ايندڙ پيشيءَ تي نواز شريف جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*