ڪنڌڪوٽ ۾ پل بچايو ڪميٽي پاران ڪنڌڪوٽ_گهوٽڪي پل جو هنڌ تبديل ڪرڻ خلاف اڄ 35هين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

khandkot

ڪنڌڪوٽ ۾ پل بچايو ڪميٽي پاران ڪنڌڪوٽ_گهوٽڪي پل جو هنڌ تبديل ڪرڻ خلاف  اڄ 35هين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ڪنڌڪوٽ_گهوٽڪي پل جي بحالي لاءِ مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن  عبدالغني بجاراڻي، شير محمد سهرياڻي، سجاد بروهي، دلمراد ڏاهاڻي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  اڄ 35 هين ڏهين علامتي بک هڙتال ڪئي.

انهي موقعي تي هنن چيو ته اسان جي احتجاجي مظاهرن ۽ بک هڙتالن کي اڄ 35 ڏينهن گذري ويا آهن پر هن وقت تائين ڪير به چونڊيل نمائندن مان نه لڙي آيو آهي.

هنن چيو ته ضلعي ڪشمور ۾ 5 چونڊيل نمائندا پيپلز پارٽي جا موجود آهن پر اهي ٻڌڻ کان ٻوڙا ۽ اکين کان نابين آهن، جو انهن کي اسان جي احتجاج جو ڪوبه فرق نه ٿو پوي.

هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته  ڪنڌڪوٽ_گهوٽڪي پل جو هنڌ منتقل ڪري عوام سان دوکو ڪيو آهي .

هنن مطالبو ڪيو ته ڪنڌڪوٽ_گهوٽڪي پل بحال ڪري عوام سان انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*