عمرڪوٽ ۾ عورت پوليس اهلڪار جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو

umerkot map

 عمرڪوٽ ۾ عورت پوليس اهلڪار جي مبينا زيادتين  خلاف احتجاج ڪيو.

عورت جميلا مغل پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته هو 10 سال اڳ پنهنجي مڙس سونو رند خلاف شڪايت کڻي نبي سر ٿاڻي تي وئي ته ٿاڻي جي منشي اشرف شاهه بليڪ ميل ڪري مڙس کان طلاق ڏياري شادي ڪرڻ جو آسرو ڏئي  عمرڪوٽ وٺي آيو ، جتي هو 10 سال تائين لڄالٽ ڪندو رهيو، پر هن شادي نه ڪئي.

هن چيو ته کيس منشي مان 2 نياڻيون ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو، جنهن مان ٻه نياڻين کي ظالم منشي زهر ڏئي ماري ڇڏيو.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هاڻ هن کيس پٽ سميت مار ڪٽ ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي.

هن ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس پي عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*