بلوچستان جي علائقي ڊيرا بگٽي ويجهو شرپسندن 24 انچ موڪري گيس پائيپ لائين ڌماڪي سان تباهه ڪري ڇڏي

بلوچستان جي علائقي ڊيرا بگٽي ويجهو شرپسندن 24 انچ موڪري گيس پائيپ لائين ڌماڪي سان تباهه ڪري ڇڏي، جنهن سبب صوبي جي ڪيترن شهرن کي گيس جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

 ڊيرا بگٽي ويجهو لوٽي گيس فيلڊ کان سئي پلانٽ ويندڙ 24 انچ موڪري گيس پائيپ لائين کي شرپسندن ڌماڪيدار مادي سان تباهه ڪري ڇڏيو.

 ڌماڪي کانپوءِ ڊيرا بگٽي ۽ سئي سميت بلوچستان جي ڪيترن شهرن کي گيس جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

  ڌماڪي بعد قانو لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جن شرپسندن خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

انتظاميه جو چوڻ آهي ته پائيپ لائين جو مرمتي ڪم جاري آهي، مڪمل ٿيڻ بعد علائقي واسين کي گيس جي فراهمي شروع ٿي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*