لاهور هاءِ ڪورٽ پي سي بي چيئرمين خلاف درخواست اڪلائيندي درخواستگذار کي لاڳاپيل فورم سان رابظي جي هدايت ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ، پي سي بي چيئرمين خلاف درخواست اڪلائيندي درخواستگذار کي لاڳاپيل فورم سان رابطي جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن رانديگر ڪارڪردگي نٿا ڏيکارين ته ان ۾ چيئرمين جو ڪهڙو ڏوهه آهي.

جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ، پي سي بي چيئرمين خلاف سول سوسائٽي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

سول سوسائٽي جي وڪيل رضوان ذڪا دليل ڏيندي چيو ته ورلڊ ڪپ جي اهم ميچز ۾ شڪست مان ظاهر ٿي ويو آهي ته ٽيم جي سليڪشن ميرٽ نه پر سياسي بنيادن تي ڪئي ويندي آهي.

هن چيو ته ٽيم جي سليڪشن چيئرمين شهريار خان ۽ نجم سيٺي جي مشاورت سان ٿيندي آهي پر نجم سيٺي عدالت کي خاطري ڪرائي هئي ته هو بورڊ جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو.

وڪيل دليل ڏيندي چيو ته محمد حفيظ کي ڄاڻي واڻي اڻ فٽ ڄاڻائي واپس موڪليو ويو.

عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته پي سي بي چيئرمين کي هٽائي شڪست جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 لاهور هاءِ ڪورٽ، اهڙي درخواست اڪلائيندي درخواستگذار کي هدايت ڪئي ته اهو سيڪشن 37 تحت پي سي بي سان رابطو ڪري، جيڪڏهن رانديگر ڪارڪردگي نٿا ڏيکارين ته ان ۾ پي سي بي چيئرمين جو ڪهڙو ڏوهه آهي.

عدالت، درخواستگذار کي لاڳاپيل فورم سان رابطي جي هدايت ڪندي درخواست اڪلائي ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*