معين خان خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، پي سي بي چيئرمين شهريار خان

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان چيو آهي ته معين خان جو ڪسينو وڃڻ واري عمل خلاف جاچ ڪئي ويندي.

قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين شهريارخان چيو معين خان خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

شهريارخان چيو ته ميڊيا رپورٽس ذريعي کيس معلوم ٿيو آهي ته معين خان ڪرائسٽ چرچ جي هڪ ڪسينو ۾ ويو ،جتي سندس ڪجهه تصويرون ميڊيا ۾ آيو آهن.

هن چيو ته هڪ طرف قومي ٽيم ميگا ايونٽ ۾ خراب ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ ٻئي طرف چيف سليڪٽر جو ڪيسينو وڃڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ  آهي ته هن ٽور سليڪشن ڪميٽي کي ان واقعي بابت مڪمل ڄاڻ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽جيئن ئي مينيجر جي رپورٽ آئي ته معين خان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته معين خان ويسٽ انڊيز جي ٽيم خلاف ميچ کان ٻه ڏينهن پهرين ڪيسينو ويو هو، جنهن بعد ٽيم کي شڪست ملي، پر کيس اهڙي موقعي ته جڏهن ته ٽيم خراب ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي ۽ هو ڪسنيو ويو آهي حيرت جهڙي ڳالهه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*