لاڙڪاڻي ۾ بينظير انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ اينڊ ڪميونٽي هيلٿ سائنسز جي شاگردن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ۾ بينظير انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ اينڊ ڪميونٽي هيلٿ سائنسز جي شاگردن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

مظفر ڪلوڙ ۽ افتخار سومرو جي اڳواڻي ۾ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري وي سي سيڪريٽريٽ اڳيان ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙ شاگردن چيو ته 4 سالن واري نرسنگ جي ڊگري 6 سالن ۾ مڪمل ڪرائي وئي آهي، اداري کي پاڪستان نرسنگ ڪائونسل کان رجسٽرڊ نه ڪرايو ويو آهي.

هنن چيو ته انتظاميه هائوس جاب لاءِ 3 مهينن کان  ليٽر جاري نه ڪري رهي آهي، جنهن ڪري شاگرد پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسان جا مطالبا منظور ڪري پريشانين کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*