عوامي راڄ پارٽي جي سربراهه ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر جمشيد دستي چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي اچڻ جو امڪان نه آهي

 Jamshed-Dasti-5-1-16

عوامي راڄ پارٽي جي سربراهه ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر جمشيد دستي چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي اچڻ جو امڪان نه آهي، مصطفيٰ کر جو سياسي ڪردار مئل گهوڙي جهڙو آهي. نوجوان سندس ڳالهين ۾ نه ايندا.

مظفر ڳڙهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جمشيد دستي چيو ته ٽيڪنالاجي جي هن جديد دور ۾ باشعور نوجوان مصفيٰ کر جي ڳالهين ۾ نه ايندا.

هن چيو ته تحريڪ انصاف ۽ عوامي راڄ پارٽي جو هڪ ئي نظريو آهي، تحريڪ انصاف سان اختلاف صرف مئل گهوڙن جي موجودگي بابت آهن.

عوامي راڄ پارٽي جي سربراهه چيو ته نوازشريف جو سياسي ڪردار ختم ٿي چڪو آهي.

جمشيد دستي چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ جو هڪ سيڪڙو به امڪان نه آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*