نوشهروفيروز ۾ وارثن پاران 6 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو

nfroze shafeque solangi

نوشهروفيروز ۾ وارثن پاران 6 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان شفيق سولنگي جي وارثن خان محمد ۽ امام الدين سولنگي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي وارثن دانهيندي چيو ته ڀريا ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او عبدالله اعواڻ سندس نوجوان پٽ کي بنا ڪنهن ڏوهه جي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو هو، جيڪو اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي.

هنن چيو ته نوجوان به سندس ماريو ويو ۽ ڌمڪيون به اسان کي ڏنيون پيون وڃن.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته نوجوان کي قتل ڪندڙ جوابدار ايس ايڇ او ۽ ٻين اهلڪارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*