خيبرپختونخواهه ۾ ٽن ڏينهن جي پوليو جي خاتمي واري مهم جي شروعات ٿي چڪي آهي

polio-mahm

 خيبرپختونخواهه ۾ ٽن ڏينهن جي پوليو جي خاتمي واري مهم جي شروعات ٿي چڪي آهي، مهم دوران 5 لک 63 هزار ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا.

ڪي پي جي ضلعي چترال، لوئر دير ۽ اپر دير ۾ اڄ کان پوليو جي خاتمي واري مهم جي شروعات ٿي چڪي آهي، جيڪا ٽن ڏينهن تائين جاري رهندي.

مهم دوران 18 سئو 52 موبائل ٽيمون، 150 فڪسڊ، 84 ٽرانزٽ ۽ 33 رومنگ ٽيمون جوڙيون ويون آهن.

پوليو ٽيمون مختلف علائقن ۾  ٻارڙن کي پوليو جي خاتمي جا ڦڙا پياري رهيون آهن، جن کي سڪيورٽي به فراهم ڪئي  پئي وڃي.

پوليو جي خاتمي واري مهم دوران 5 لک 63 هزار ٻارڙن کي پوليو جي بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*