پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته هن وقت خطي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، نئين آمريڪي پاليسي تي خدشا آهن

khuwaja asif

 پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته هن وقت خطي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، نئين آمريڪي پاليسي تي خدشا آهن، افغانستان ۾ حالتون خراب هئڻ جو الزام پاڪستان تي نه هنيو وڃي، آمريڪي سفير چيو آهي ته آمريڪا جي نئين حڪمت عملي علائقائي بنيادن تي ٻڌل آهي،  حڪمت عملي جو مقصد دهشتگردن جي محفوظ ٿاڪن کي ختم ڪرڻ آهي.

اسلام آباد ۾ پاڪ آمريڪا ٽريڪ ٽو ڊائيلاگ جو چوٿون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پرڏيهي وزير خواجا آصف،  آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا.

ان موقعي تي خواجه آصف چيو ته خطي ۾صورتحال ڳنڀير ۽ نئين آمريڪي پاليسي تي اختلاف راءِ آهي، اسان هڪ مضبوط ۽ مستحڪم افغانستان چاهيون ٿا.

هن چيو ته افغانستان ۾ حڪومت اختلافن جو شڪار آهي، جڏهن ته منشيات ۽ لاقانونيت عروج تي آهي تنهن ڪري افعانستان جي مسئلن جو ذميوار پاڪستان کي قرار نه ٿو ڏئي سگهجي.

پرڏيهي وزير چيو ته اسان پاڻي، مهاجرن جي مسئلن، افغانستان، پاڪستان ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن کي منهن ڏيڻو آهي،

خواجا آصف چيو ته افغانستان معاشي چئلينجن، ڏوڏي جي پوکي، منشيات اسمگلنگ ۽ دهشتگرديءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي قربانين باوجود الزام افسوس جوڳا آهن دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ انٽيجلينس سهڪار اڻٽر آهي.

خواجا آصف چيو ته هو نٿا چاهين ته پاڪستان جي سرزمين ڪنهن به پاڙيسري ملڪ خلاف استعمال ڪئي وڃي..

پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا جي پاڪ ڀارت لاڳپن کي معمول تي آڻڻ ۾ ڪردار جي ڪوشش جي آجيان ڪيون ٿا.

اجلاس کي خطاب ڪندي آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا جي نئين حڪمت عملي علائقائي بنيادن تي آهي.

آمريڪي سفير چيو ته حڪمت عملي جو مقصد دهشتگردن جي محفوظ ٿاڪن کي کي ختم ڪرڻ آهي.

ڊيوڊ هيل چيو ته ڳالهين جي ميز تي اچڻ تائين طالبان تي دٻاءُ برقرار رکيو ويندو.

هن چيو ته پاڪستان جي قيادت افغان امن لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي، اسان گڏجي ان عمل کي وڌيڪ هٿي ڏياري سگهون ٿا.

آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل چيو ته پاڪستان دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي ڪرڻ  گهرجي.

ٻي طرف ڪائيڪل ڪوگلمين چيو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپا ڏکيائن جو شڪار آهي موجوده حالتن کي ڪرڪيٽ جي راند جيان ڏسي سگهجي ٿو.

مائيڪل ڪوگلمين چيو ته آمريڪا کي  افغانستان ۾ پاڪستان جي ضرروت آهي، موجوده حالتن کي ڏسندي آمريڪا پاڪستان تي دٻاءُ وڌايو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*