ٺل ۾ درگاهه يار محمد شاهه جي قبرستان جي زمين تي قبضي خلاف فقيرن احتجاجي مظاهرو ڪيو

thull

ٺل ۾ درگاهه يار محمد شاهه جي قبرستان جي زمين تي قبضي خلاف فقيرن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ظهور ڪنراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رهواسين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

 احتجاج ڪندڙن چيو ته بااثر ماڻهو روينيو جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري قبرستان جي 2  ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آهي.

هنن چيو ته ڊي سي سميت چونڊيل نمائندن کي دانهن توڙي درخواستون ڏنيون ويون آهن پر ڪو به عملدار قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته قبرستان جي زمين تان قبضو ختم ڪرائي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*