دادو ۾ يونين ڪائونسل اميناڻي ۾ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو

Dadu Sindh

دادو ۾ يونين ڪائونسل اميناڻي ۾ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

يونين ڪائونسل اميناڻي جي ڳوٺاڻن هٿن ۾ بينر کڻي ولي محمد وڪو، عبداللطيف شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته تڪ جو ايم پي اي مراد علي شاهه وڏو وزير هئڻ باوجود يونين ڪائونسل اميناڻي کي ترقياتي ڪمن ۾نظرانداز ڪري رهيو آهي.

هنن بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته يونين ڪائونسل اميناڻي کي نظر انداز ڪرڻ جو نوٽيس وٺي بنياتي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*