پي ٽي آءِ پارليامينٽ مان منظور ڪرايل چونڊ سڌارن واري بل اليڪشن ايڪٽ 2017 کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو

Imran-Khan-71116

 پي ٽي آءِ پارليامينٽ مان منظور ڪرايل چونڊ سڌارن واري بل اليڪشن ايڪٽ 2017 کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، عمران خان پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاناما ڪيس بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي سبب نوازشريف نااهل ٿيو، جنهن کي ٻيهر پارٽي صدر بڻائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وئي، جيڪا آئين جي روح خلاف آهي، ڪالعدم قرار ڏني وڃي.

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي وڪيل چونڊن سڌارن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ وفاق ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته پاناما فيصلي جي نتيجي ۾ نوازشريف کي پارٽي جي صدارت ڇڏڻي پئي هئي.

درخواستگذار چيو ته نوازشريف کي پارٽي صدر بڻائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وئي جيڪا آئين جي آرٽيڪل 204 ۽ 175 خلاف آهي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته قانون تحت نااهل شخص پارٽي جو صدر نٿو بڻجي سگهجي.

درخواستگذار چيو آهي ته آئين سان ٽڪراءَ واري قانون سازي بنيادي حقن جي ابتڙ آهي.

درخواستگذار عدالت کان استدعا ڪندي چيو نوازشريف کي ٻيهر پارٽي صدر بڻائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وئي، جيڪا آئين جي روح خلاف آهي، ڪالعدم قرار ڏني وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*