لاهور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس صوبي ۾ جاري سموگ جو نوٽيس وٺندي ماحوليات جو سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل آفيسر رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو

mansoor ali shah

لاهور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس صوبي ۾ جاري سموگ جو نوٽيس وٺندي ماحوليات جو سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل آفيسر رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته پورو لاهور سموگ سبب متاثر ٿي رهيو آهي، ٻڌايو وڃي ته حڪومت ڇا ڪري رهي آهي؟.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ هڪ رڪني بينچ سموگ تي ضابطو نه آڻڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته سڄو لاهور سموگ سبب متاثر ٿي رهيو آهي، ٻڌايو وڃي ته سموگ تي پابندي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن.

چيف جسٽس لاهور هائيڪورٽ چيو ته گذريل سال به صوبي ۾ سموگ جو مسئلو پيدا ٿيو هو.

چيف جسٽس منصور علي شاهه چيو ته حڪومت سموگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم ڇو نه کنيا آهن؟

چيف جسٽس لاهور هائيڪورٽ سيڪريٽري ماحوليات کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ماحوليات جا لاڳاپيل آفيسر رڪارڊ سميت پيش ٿين………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*