پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀٽ پهچي شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه تي حاضري ڀري
پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀٽ پهچي شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه تي حاضري ڀري،گلن جي چادر چاڙهي فاتح خواني ڪئي.
درگاهه جي گادي نشين سيد وقار شاهه لطيفي پ پ چيئرمين جو استقبال ڪيو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ڀٽ شاهه ۾ ايچ ٽي سورلي هال ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 274 هين عرس مبارڪ جي ايوارڊ ورهائن واري تقريب ۾ ڀٽائي تي ڪم ڪندڙمحققن، موسيقارن، گلوڪارن ۽ ڀٽائي جي پيغام کي هٿي ڏيندڙ آرٽسٽن کي ايوارڊ سان نوازيو.
ان موقعي تي تائيوان سان تعلق رکندڙ ۽ هارورڊ يونيورسٽي مان شاهه جي ڪلام تي تحقيق ڪندڙ اسڪالر پي لنگ هونگ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو ڪلام پيش ڪيو.
سيف جوڻيجي جديد انداز ۾ جڏهن ته ٿر سان تعلق رکندڙ مائي ڊائي ۽ هن سال لطيف ايوارڊ حاصل ڪندڙ فنڪار الهڏنو جوڻيجو شاهه سائين جي ڪلام کي روايتي انداز ۾ پيش ڪيو.