اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم چيو آهي ته پنجاب جي نيب ٻي ۽ سنڌ جي ٻي آهي، نيب کي پنهنجو ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو

dr asim

اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم چيو آهي ته پنجاب جي نيب ٻي ۽ سنڌ جي ٻي آهي، نيب کي پنهنجو ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو.

احتساب عدالت ۾ پيشي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم چيو ته چوڌري قمرالزمان جيڪو ڪيو ان جو فيصلو عوام ڪندو.

پ پ اڳواڻ چيو ته پنجاب جي نيب هڪ ۽ سنڌ جي نيب ٻي آهي، جنهنڪري نيب پنهنجو ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته جن ڪراچي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو اهي ئي گوڙ ڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ جيترو ڪم هاڻ ٿيو آهي ايترو 15 سالن ۾ به ناهي ٿيو.

ڊاڪٽر عاصم چيو ته ڪراچي اسان جو آهي، پيپلز پارٽي جو آهي، جيترو وڻي گهمو.

اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ايندڙ هفتي کان مختلف سياسي ماڻهو پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*