وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي ساک بحال ڪرڻ لاءِ 35 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي

cm meet hockey

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي ساک بحال ڪرڻ لاءِ 35 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

برگيڊيئر محمد خالد سجاد کوکر جي سربراهي ۾ پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي وفد وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سان ملاقات ڪئي.

انموقعي تي وڏي وزير، هاڪي ڪلب لاءِ فيڊريشن کي35 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ڪلب جي ڪم ۾ سنڌ سرڪار پنهنجو ڪردار ادا ڪندي هاڪي جي وڃايل ساک کي بحال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.

مراد علي شاهه، 10صوبائي اختيارين کي ڏينهن اندر 100ملين رپيا جاري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*