سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي عالمي مسئلو آهي

raza rabbani

سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي عالمي مسئلو آهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تمام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

سينيٽ چيئرمين رضا رباني پولينڊ جي پاڪستان آيل 10 رڪني پارلياماني وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي.

سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته پاڪستان پولينڊ سان پنهنجي ٻطرفي تعاون ۽ تاريخي رابطن کي انتهائي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو، اسان جي خواهش آهي ته گڏيل لاڳاپن کي اقتصادي ۽ واپاري سطح تي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي.

هن چيو ته پولينڊ جي اعليٰ سطحي وفد جو دورو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته پولينڊ پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهم سمجهي ٿو.

سندس چوڻ هو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي عالمي مسئلو آهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تمام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ 70 هزار جانين جو نذرانو ڏئي وڏي پيماني تي معاشي نقصان به کنيو آهي.

هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج معصوم ڪشميرين کي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي اهڙو ظلم ڪري رهي آهي جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو نظر کان محروم ۽ سخت زخمي ٿي ويا آهن.

سينيٽ چيئرمين واپاري شعبي جي اهميت کي تسليم ڪندي چيو ته موجوده واپاري حجم کي وڌائڻ جي سخت ضرورت آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*