ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين ۽ پرويز الاهي اثاثا ڪيس ۾ نيب لاهور آڏو پيش ٿي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي

pervais and shujaat

ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين ۽ پرويز الاهي اثاثا ڪيس ۾ نيب لاهور آڏو پيش ٿي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

نيب ٽيم ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين ۽ پرويز الاهي کي اثاثن ڪيس ۾ طلب ڪيو هو.

چوڌري شجاعت حسين ۽ پرويز الاهي اثاثن واري ڪيس ۾ پيش ٿيا، جنهن دوران نيب لاهور جي ٽه رڪني بينچ سندن بيان رڪارڊ ڪيو.

ذريعن موجب، نيب عملدارن چوڌري ڀائرن کان 75 سوال پڇيا ۽ انهن کي سوال ناما به پيش ڪيا ويا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب عملدار چوڌري شجاعت کي چيو ته اميد آهي ته اوهان ٻيهر به ايندو، جنهن تي هنن جواب ڏنو ته نيب جڏهن به گهرايو ته هو قانون قانون جي عملداري لاءِ حاضر ٿيندا.

ٻي طرف ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جا پٽ علي ۽ حسنين ڊار طلبيءَ باوجود نيب آڏو پيش نه ٿيا.

ٻنهي ڄڻن جي غير حاضري سبب نيب پاران سندن طلبيءَ لاءِ ٻيهر نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته نيب پاناما ڪيس جي فيصلي جي حوالي سان ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف به آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنسز ۾ فرد جرم لاڳو ڪري چڪي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*