نيب چيئرمين ڪيسن ۾ ٻٽي معيار جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪ مان بدعنواني ختم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي

javed iqbal nab chairman

 نيب چيئرمين ڪيسن ۾ ٻٽي معيار جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪ مان بدعنواني ختم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ زيرو ٽالرينس پاليسي تي عمل ڪرايو ويندو.

پنهنجي جاري ڪيل بيان جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته ارباب عالمگير ۽ ٻين خلاف جاچ جلد مڪمل ڪئي ويندي.

هن چيو ته اسلم رئيساڻي خلاف اختيارن جي غيرقانوني استعمال خلاف جاچ به هلي رهيا آهي، جنهن کي به جلد مڪمل ڪيو ويندو.

نيب چيئرمين چيو ته جوابدارن خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ گوادر ۾ زمينن جي ناجائز الاٽمينٽس جا الزام آهن.

هن چيو ته بدعنواني جو خاتمو سندس اولين ترجيح آهي، ڪرپشن خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي تي عمل ڪيو ويندو.

نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو ته نيب ۾ ڪو به ٻٽو معيار نه آهي، سموري جاچ کي قانون ۽ مضبوط شاهدين جي بنياد تي مڪمل ڪيو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*