پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن مذهب جي روح کي زخمي ڪيو آهي

award bhitt shaha

پ پ  جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  چيو آهي ته  ڪجهه ماڻهن مذهب جي روح کي زخمي ڪيو آهي، مذهبي ڪٽر پڻي سبب اڄ درگاهون محفوظ نه آهن.

 پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 274 هين عرس جي موقعي تي ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ناني ۽ امڙ جي روايت کي برقرار رکندي درگاهه ڀٽ شاهه تي حاضري ڀرڻ لاءِآيو آهيان.

پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته مذهبي ڪٽرپڻي سبب اڄ درگاهون محفوظ نه آهن، ڪجهه ماڻهن مذهب کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيوآهي، اسان درگاهن مان لاش  کنيا آهن.

  بلاول ڀٽو زرداري  چيو ته ماروي جو قصو مون کي پنهنجي امڙ جي ياد ڏياريندو آهي، سسئي جي جدوجهد پڙهڻ سان امڙ جي جدوجهد ياد ايندي آهي.

هن چيو ته صوفين جو پيغام امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏي ٿو، صوفين جي پيغام  کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ پيار۽ امن جي ڌرتي آهي، سنڌ کي ڀٽو جي اقتدار کانپوءِ نظر لڳي وئي.

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اسان جي قيادت صوفين جي پيغام کي عام ڪري رهي آهي، ڀٽ شاهه جي صوفي يونيورسٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.

مراد علي شاهه چيو ته ڌرتي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪيو ويندو، اسان کي صوفين جو پيغام دنيا تائين پهچائڻو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*