ڪوٽ راڌا ڪرشن واقعن کي ڏسي لڳي ٿو ملڪ ۾ انسانيت جو سرعام قتل ڪيو وڃي ٿو سراج الحق

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيوآهي ته ڪوٽ راڌا ڪشن جهڙي واقعن کي ڏسي لڳي ايئن ٿو ته ملڪ ۾ انسانيت جو سر عام قتل ڪيو پيو وڃي ، عيسائي جوڙي کي جيئرو ساڙڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ انصاف ملڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي، ماڊل ٽائون سانحي جي ايف آءِ آرد داخل ڪرائڻ لاءِ سندن اسلام آباد تائين مارچ ڪرڻو پيو.

هن چيو ملڪ ۾ قانوني جي حڪمراني لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.

  سراج الحق جو اهو به چوڻ هو ته جنهن معاشري ۾ عورت محفوظ نه هجي اهو معاشرو ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*