ڀارت ۾ سوائن فلو سبب 8 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت، 12 هزار کان وڌيڪ شهري متاثر ٿي ويا

ڀارت ۾ سوائن فلو سبب 8 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 12 هزار کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ بعد شهري پنهنجي بچاءُ لاءِ ميدان ۾ نڪري پيا آهن ۽ ماڻهن ۾ بچاءُ وارا ماسڪ ورهايا پيا وڃن.

ڀارتي رياست راجسٿان، گجرات، مڌيا پرديش، مهاراشٽر، پنجاب ۽ والاريل ڪشمير سوائن فلو کان متاثر آهن، سڀ کان وڌيڪ متاثر راجسٿان ۽ گجرات آهن.

ڀارتي حڪومت پاران سوائن فلو کان بچاءُ لاءِ اپاءُ وٺڻ وارين دعوائن باوجود وائرس تيزي سان سڄي ملڪ ۾ پکڙجي رهيو آهي، جنهن بعد گجرات رياست ۾ شهري پنهنجي مدد پاڻ تحت بچاءُ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

گجرات رياست جي  سورت شهر ۾ هيرن جي هڪ ڪمپني پنهنجي 7 هزار ورڪرن ۾ سوائن فلو کان بچاءَ لاءِ ماسڪ ورهايا آهن ۽ ايمرجنسي لاءِ ڊاڪٽرن کي به الرٽ ڪيو ويو آهي.

شهر ۾ رضاڪارن سوائن فلو کان بچاءَ لاءِ شهرين ۾ ماسڪ ورهائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ان سان گڏوگڏ وائرس کان بچاءَ لاءِ جاڳرتا مهم هلائي پئي وڃي.

هڪ رضاڪار جو چوڻ هو ته سڄي گجرات رياست ۾ سوائن فلو جو وائرس پکڙجي ويو آهي، جنهن بعد نوجوان وائرس کان بچڻ لاءِ شهرين ۾ ماسڪ ورهائي رهيا آهن ته  جيئن حڪومت جو هٿ ونڊائي سگهجي.

ٻئي پاسي والاريل ڪشمير ۾ سوائن فلو سبب 6 ڄڻا فوت ۽ سوين متاثر ٿيڻ کانپوءِ حڪومت پاران جاڳرتا مهم شروع ڪئي وئي آهي.

ايڇ ون اين ون يعني سوائن فلو سبب 2009ع ۽ 2010ع دوران ڀارت ۾ 27 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا، گذريل سال ڀارت ۾ وائرس سبب فوتين جو انگ 218 هو ۽ 2013ع ۾ اهو انگ 699 هو پر هلندڙ سال جي ٻن مهينن دوران سوائن فلو ڀارت ۾ 8 سئو کان وڌيڪ جانيون ڳڙڪائي چڪو آهي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*