ڪرس گيل ورلڊڪپ جي تاريخ جي پهرين ڊبل سنچري اسڪور ڪرڻ جو عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو

ويسٽ انڊيز جي اسٽار36 ورهين جي  بيٽسمين ڪرس گيل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي پول بي جي ميچ ۾زمبابوي جي ٽيم خلاف شاندار ڊبل سنچري اسڪور ڪري ورلڊڪپ جي تاريخ جي پهرين ڊبل سنچري اسڪور ڪرڻ جو عالمي رڪارڊ جوڙي زمبابوي جي ٽيم کي شڪست ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

آسٽريليا جي شهر ڪينبرا ۾ کيڏي ويل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي 15 هين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم جي ڪپتان جيسن هولڊر ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جوفيصلو ڪيو،جيڪو صحيح ثابت ٿيو.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم مقرره 50 اوورس ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 372رنز اسڪور ڪيون،جيڪو ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ ڪنهن به ٽيم جو سڀ کان وڏو ٽوٽل آهي ، ان کان پهرين آسٽريليا جي ٽيم کي 342رنز اسڪور ڪرڻ جو اعزاز حاصل هو.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم جي اننگ جي شروعات سٺي نه ٿي ۽ ڊيان سمٿ بغير رنز ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيو، جنهن بعد ڪرس گيل ۽ مارلن سموئيلز شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي مخالف ٽيم جي بالرز خلاف وڪيٽ جي چوڌاري زودار اسٽروڪس کيڏي کين بيوس بڻائي ڇڏيو.

ڪرس گيل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي پهرين ڊبل سنچري اسڪور ڪري نئون رڪارڊ جوڙي ورتوآهي، جنهن سان گڏ هن ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 9هزار رنز پڻ مڪمل ڪري ورتيون آهن.

ان کان پهرين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي سڀ کان وڏي اننگ کيڏڻ جو اعزاز ڏکڻ آفريڪا جي گيري ڪرسٽن وٽ هو ،جنهن 1996۾ يو اي ايِ جي ٽيم خلاف 188 رنز اسڪور ڪيون هيون.

ڪرس گيل پنهنجي اننگ 16 ڇڪا هڻي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي ڪنهن به هڪ اننگ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻن جو رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي،ان کان پهرين اهو رڪارڊ ڏکڻ آفريڪي بيٽسمين ڊيوڊ ملر وٽ هو ، جنهن 9 ڇڪا هنيا هئا.

ڪرس گيل ون ڊي ڪرڪيٽ جي ٽين وڏي اننگ کيڏڻ جو پڻ رڪارڊ ٺاهي ورتوآهي.

ان کان پهرين ڀارتي ٽيم جي روهت شرما سري لنڪا خلاف گذريل سال 264رنز جي اننگ کيڏي هئي، جنهن بعد وريندر سهواڳ ويسٽ انڊيز خلاف 219رنز جي اننگ کيڏي هئي.

ڪرس گيل ۽ مارلن سموئلز ٻين وڪيٽ جي  پارٽنرشپ ۾ 371رنز جوڙي نئون رڪارڊ پڻ قائم ڪيو ان کان پهرين اهو رڪارڊ ڀارت جي راهول ڊريوڊ ۽ سارو گنگولي وٽ هو، جن 1999 ۾ سري لنڪا خلاف 318رنز اسڪيون ڪيون.

ڪرس گيل اڄ پنهنجي ڪيريئر جي 22هين سنچري پڻ اسڪور ڪئي.

مارلن سمورئلز پڻ پنهنجي ڪيريئر جي 8 هين سنچري اسڪور ڪئي، جنهن ۾ 11 چونڪا ۽3ڇڪا شامل آهن.

زمبابوي جي ٽيم پاران پانيانگارا 82۽مسڪاڊزا 39رنز ڏئي هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*