ٿاڻي بولاخان ويجهو نوجوان کي اڻڄاتل جوابدار گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي

thano bola khan

ٿاڻي بولاخان ويجهو نوجوان کي اڻڄاتل جوابدار گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس  جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

نوري آباد جي ڳوٺ موندر پالاري ۾ 28 ورهين جو گاما پالاري پنهنجي گهر ۾ستل هو ته اڻڄاتل جوابدار کيس مٿي ۾ گوليون  هڻي قتل ڇڏيو.

اطلاع تي نوري آباد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي حيدرآباد جي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو، وارثن پيرين جي مدد سان جوابدارن جا پيرا کنيا، جوابدارن جو پتو پئجي نه سگهيو.

نوري آباد پوليس جو چوڻ آهي  ته واقعي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*