سينيٽ چيئرمين رضا رباني ميمبرن جي غير حاضري تي احتجاج ڪندي چيو آهي ته حڪومت سينيٽ کي ماسي جو ويڙهو ٺاهي ڇڏيو آهي

senate

سينيٽ چيئرمين رضا رباني ميمبرن جي غير حاضري تي احتجاج ڪندي چيو آهي ته حڪومت سينيٽ کي ماسي جو ويڙهو ٺاهي ڇڏيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ هائوس نٿو هلائي سگهجي، جيڪڏهن ايندڙ اجلاس ۾ ڪو وزير حاضر نه ٿيو ته ان تي پابندي لڳائي ويندي.

چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، چيئرمين پاران ميمبرن جي غيرحاضري تي ڪاوڙ جو اظهارڪيو ويو.

ان موقعي تي رضا رباني چيو ته وزير ڪٿي آهن، ڇا وزيرن جي لاءِ ڪنهن اخبار ۾ اشتهار ڏيان يا اخبارن ۾ وزيرن جي گمشدگي جو اشتهار ڏنو وڃي؟.

اجلاس شروع ٿيڻ جي ڪجهه دير بعد مملڪتي وزير بليغ الرحمان پهتو، جنهن ايوان سان دير اچڻ تي معذرت ڪئي.

رضا رباني چيو ته ميمبرن جي غيرحاضري بابت جواب نه آيو ته لاڳاپيل سيڪريٽري خلاف توهين پارليامينٽ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.

سينيٽ چيئرمين چيو ته سيڪريٽري کي معطل ڪرڻ جي سفارش  کان علاوه سندس اي سي آر ۾ به پارليامينٽ کي نظر انداز ڪرڻ جو پيرا  لکيو و يندو.

رضا رباني چيو ته حڪومت ايوان جي ڪارروائي هلائڻ لاءِ غير سنجيده نظر اچي رهي آهي.

سينيٽ چيئرمين چيو ته نه وزير سوالن جو جواب به نٿا ڏين ۽ ۽ نه ئي وري پاڻ اچن ٿا. ايئن اجلاس نه هلي سگهندو.

سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني مملڪتي وزير کان سوال ڪيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪيتري رقم خرچ ٿي؟

سوال جو جواب ڏيندي مملڪتي وزير بليغ الرحمان چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خرچ ٿيل رقم جا انگ اکر موجود ناهن،

بليغ الرحمان چيو ته اندازو لڳايو ويندو آهي ته تمام گهڻي رقم خرچ ٿي آهي، جنهن تي سينيٽ چيئرمين پاران حيرت جو اظهار ڪيو ويو.

سينيٽ چيئرمين رضا رباني وزيرن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي اجلاس جي ڪارروائي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*