موهن جو دڙو ۾ ڳوٺاڻي پاران بئنڪ انتظاميه جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو ته مون سان 12 لکن جو فراڊ ڪيو آهي

moen jo daro gothane jo ahtjaj

موهن جو دڙو  ۾ ڳوٺاڻي پاران بئنڪ انتظاميه جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو ته مون سان 12 لکن جو فراڊ ڪيو آهي.

ڳوٺ فتح محمد ڪسر جي رهواسي زاهد علي ڪسر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مان ڏوڪري جي بئنڪ ۾ 2 سال اڳ 26 تولا سونازيور گروي رکي گولڊ لون حاصل ڪيو هو.

هن چيو ته گولڊ لون جي وياج جا پئسا بئنڪ ۾ جمع ڪرايا جنهن جون رسيدون به موجود آهن،ان جي باوجود بئنڪ انتظاميه بنا نوٽيس جي سونازيور نيلام ڪري ڇڏيا آهن۔

هن بئنڪ جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي مون کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*