خيرپور شهر ۾ پيٽرول پمپ انتظاميه ضلعي انتظاميه جي ڇاپن خلاف احتجاج طور پمپ بند ڪري ڇڏيا

khairpur-map10-8

خيرپور شهر ۾ پيٽرول پمپ انتظاميه ضلعي انتظاميه جي ڇاپن خلاف احتجاج طور پمپ بند ڪري ڇڏيا، شهري پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن پاران احتجاج طور شهر جا سڀئي پيٽرول پمپ بند ڪيا ويا آهن.

پيٽرول پمپ بند هئڻ ڪري گاڏين ۾ تيل ڀرائڻ لاءِ ايندڙ شهري پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

گذريل ڏينهن ضلعي اتنظاميه غيرمعياري پيٽرول جي وڪري ۽ اضافي اگهه وٺڻ تي ڪارروائي ڪري ڪجهه پيٽرول پمپ بند ڪرايا هئا، جنهن خلاف اڄ پيٽرول پمپ اونرز ايسوسئيشن پاران احتجاج طور پمپ بند ڪيا ويا آهن.

پيٽرول پمپ مالڪن جو چوڻ آهي ته جيستائين ضلعي انتظاميه معافي نه وٺندي تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*