حيدرآباد پوليس ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي مبينا دهشتگرد کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

hyderabad-police

حيدرآباد پوليس ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي مبينا دهشتگرد کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب ڦليلي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي مبينا دهشتگرد کي دستي بمن سميت گرفتار ڪيو ويو.

رابطو ڪرڻ تي پوليس اختيارين چيو ته سڪيورٽي خدشن سبب جوابدار جو نالو نٿو ٻڌائي سگهجي، جڏهن ته جوابدار کي وڌيڪ جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس ذريعن موجب جوابدار کان پڇاڳاڇا سان وڌيڪ گرفتاريون عمل ۾ اچي سگهن ٿيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*