ڪراچي جي احتساب عدالت، سنڌ ۾ زمينن جي رڪارڊ ۾ ڦيرڦار واري معاملي ۾ لينڊ يوٽيلائيزيشن جي اڳوڻي سيڪريٽري شاذر شمعون سميت 3 ڄڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي

Court--Order-6-1-16

ڪراچي جي احتساب عدالت، سنڌ ۾ زمينن جي رڪارڊ ۾ ڦيرڦار واري معاملي ۾ لينڊ يوٽيلائيزيشن جي اڳوڻي سيڪريٽري شاذر شمعون سميت 3 ڄڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي جوابدار لطيف بروهي کي سلطاني شاهد بڻجڻ جي درخواست نيب چيئرمين کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ سنڌ ۾ زمينن جي رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ڪري 53 ارب رپيا ڪرپشن واري معاملي تي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.

جوابدار لطيف بروهي عدالت کي آگاهي ڏني ته هن سلطاني شاهد ٿيڻ جي درخواست ٻيهر ڊي جي نيب کي موڪلي آهي، جنهن تي عدالت حڪم ڏنو ته اهڙي درخواست نيب جي چيئرمين کي به موڪليو.

جوابدار عدالت کي درخواست ڪئي ته جيستائين درخواست جو جواب نه اچي فرد جرم لاڳو نه ڪيو وڃي.

عدالت، شاذر شمعون، قاسم ٿهيم ۽ اسماعيل بلوچ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 17 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*