حضرت امام حسين عليه السلام جي چاليهي جي سلسلي ۾ مختلف شهرن ۾ مجلسون منعقد ڪري ماتمي جلوس ڪڍيا پيا وڃن

sindh juloos

حضرت امام حسين عليه السلام جي چاليهي جي سلسلي ۾ مختلف شهرن ۾ مجلسون منعقد ڪري ماتمي جلوس ڪڍيا پيا وڃن، جڏهن ته سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

لاڙڪاڻي، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، اوٻاوڙو، ڏهرڪي، قمبر، شڪارپور، ڪشمور، جيڪب آباد، شهدادڪوٽ ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ چهلم جي موقعي تي مجلسون منعقد ڪري ماتمي جلوس ڪڍيا پيا وڃن.

چهلم جي موقعي تي سڪيورٽي طور پوليس سان گڏ رينجرز جا اهلڪار به مقرر ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*