ٽنڊي آدم ۾ مزدورن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو

tandoadam ahtjaj

ٽنڊي آدم ۾ مزدورن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

مختلف فئڪٽريز جي مزدورن سلطان خاصخيلي، سليم چنا ۽ ٻين جي اڳواڻ ۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي هنن چيو ته بااثر صنعتڪار پورهيتن جو جائز اجورو نٿا ڏين، جيڪڏهن پورهيت احتجاج ڪن ٿا ته ڊيوٽي کان برطرف ڪيو ٿو وڃي.

هنن چيو ته هڪ ته پگهار گهٽ ڏني وڃي ٻيو وري ليبر کان ٺيڪيدار پنهنجي ڪميشن وٺن ٿا، جڪڏهن ڪير ڪميشن نٿو ڏي ته هن کي برطرف ڪيو ٿو وڃي، سندن گهٽ پگهار تي ٻچن جو گذر سفر ئي نٿو ٿئي.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري سندن مزدوري جو اجورو  پورو  ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*