نادرا سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ بابت نئون طريقو واضح ڪيو آهي، جنهن تحت عارضي يا مستقل ايڊريس تي مرضي موجب ووٽ داخل ڪرائي سگهبو

chief election commisionar raza khan

نادرا سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ بابت نئون طريقو واضح ڪيو آهي، جنهن تحت عارضي يا مستقل ايڊريس تي مرضي موجب ووٽ داخل ڪرائي سگهبو.

نئين سافٽ ويئر واري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا چيو آهي ته عام چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، اهڙيون شفاف چونڊون ڪرايون وينديون، جنهن تي ڪنهن کي اعتراض نه هوندو.

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ بابت نادرا جي نئين سافٽ ويئر جو افتتاح ڪيو آهي، افتتاحي تقريب نادرا سروس سينٽر بليو ايريا ۾ منعقد ڪئي وئي، افتتاحي تقريب ۾ نادرا چيئرمين عثمان مبين، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۽ ٻيا عملدار موجود هئا. نادرا پاران جاري ڪيل نئين طريقيقار تحت ووٽر عارضي يا مستقل ايڊريس تي مرضي موجب ووٽ داخل ڪرائي سگهندا. واضح ڪيل نئين طريقي موجب سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ وقت درخواست ۾ ووٽ داخل ڪرڻ بابت سوال شامل ڪيو ويو آهي.جنهن ۾ درخواستگذار کان پڇيو ويندو  ته هو ڪهڙي ايڊريس تي ووٽ داخل ڪرائڻ چاهي ٿو.افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا جو چوڻ هو ته نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن هڪٻئي سان سهڪار جاري رکندا، مان نئين سافٽ ويئر ٺاهڻ تي نادرا جو ٿورائتو آهيان، هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران اهڙيون شفاف چونڊون ڪرايون وينديون جنهن تي ڪنهن کي اعتراض نه هوندو. هن چيو ته عام چونڊون مقرر ڪيل وقت تي ٿينديون.تقريب کي خطاب ڪندي نادرا چيئرمين عثمان مبين جو چوڻ هو ته نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن گڏجي چونڊن واري نظام کي بهتر ڪري رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*