نوري آباد وين حادثو انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، صوبائي وزير روبينا قائمخاني

سماجي ڀلائي کاتي واري صوبائي وزير روبينا قائمخاني چيو آهي ته سنڌ سرڪار پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سي اين جي ڪٽز تي پابندي لاڳو ڪرڻ تي ويچاري رهي آهي، بلديه سانحي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.

حيدرآباد ۾  پهرين ڪيئر سينٽر جو افتتاح ڪندي صوبائي وزير  روبينا قائمخاني چيو ته نوري آباد وين حادثو انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، سنڌ سرڪار پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سي اين جي ڪٽز تي پابندي لڳائڻ تي ويچاري رهي  آهي.

هن چيو ته بلديه سانحي جي جاچ جاري  آهي، واقعي ۾ جيڪي به جوابدار ملوث هوندا انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.

صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ذوالفقار مرزا سنڌ حڪومت ۾ هو ته کيس ڪجهه ياد نه هو  ۽ هاڻي جڏهن هو ٻاهر آهي ته بيان ڏئي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*