سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم جي نظربندي ۽ ڪيسن خلاف درخواست تي 24 نومبر تائين مڪمل دستاويز پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

sindh-highi-court-dr-asim

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم جي نظربندي ۽ ڪيسن خلاف درخواست تي 24 نومبر تائين مڪمل دستاويز پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو  آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم جي نظربندي ۽ ڪيسن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

وڪيل انور منصور دليل ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر عاصم کي خاندان ۽ وڪيلن سان ملڻ جي اجازت ڏيڻ بغير بيان ورتو ويو ۽ تشدد ڪيو ويو.

عدالت، انور منصور کان پڇاڻو ڪيو ته بيان ورتو ويو يا اقبالي بيان ورتو ويو؟

انور منصور جواب ڏنو ته جي آءِ ٽي بيان رڪارڊ ڪري وڊيو جاري ڪئي، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته اوهان مطابق ڪردار ڪشي ڪئي وئي، پوءِ ته ان سلسلي ۾ ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪيو.

ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل دليل ڏنو ته ٽرائل ڪورٽ ۾ ته اڃا فرد جرم به لاڳو ناهي ٿيو، ڪيس نيب خلاف ۽ شفاف ٽرائل لاءِ به آهي.

انور منصور پاران پيش ڪيل دستاويزن ۾ ايف آءِ آر نه هئڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ 24 نومبر تائين مڪمل دستاويز پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*