سنڌ هاءِ ڪور،ٽ عذير بلوچ، نثار مورائي ۽ بلديه سانحي جون جي آءِ ٽيز پڌريون ڪرڻ واري درخواست تي سنڌ حڪومت کان 4 ڊسمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي
سنڌ هاءِ ڪور،ٽ عذير بلوچ، نثار مورائي ۽ بلديه سانحي جون جي آءِ ٽيز پڌريون ڪرڻ واري درخواست تي سنڌ حڪومت کان 4 ڊسمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عذير بلوچ، نثار مورائي ۽ بلديه سانحي جو جي آءِ ٽيز پڌريون ڪرڻ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته هن ڪيس ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ پيش ٿيندو، رپورٽ لاءِ گهرو سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو آهي.
عدالت جواب داخل نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 4 ڊسمبر تائين سنڌ حڪومت کان جواب طلب ڪيو.