اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي جيل ۾ آسائشون فراهم ڪرڻ واري معاملي تي جيل جي سينئر سپرينڊينٽ احتساب عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي

sharjeel

اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي جيل ۾ آسائشون فراهم ڪرڻ واري معاملي تي جيل جي سينئر سپرينڊينٽ احتساب عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جواب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪڏهن به شرجيل جي ذاتي ڊاڪٽر کي جيل ناهي گهرايو، جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن کي طلب ڪيو هو.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ شرجيل ميمڻ کي جيل اندر آسائشون ڏيڻ واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سينٽرل جيل ڪراچي جي سينئر سپرينڊنٽ جواب جمع ڪرايو.

جمع ڪرايل جواب ۾ ڄاڻايو ويو ته جيل انتظاميا شرجيل ميمڻ جي ذاتي ڊاڪٽر کي نه گهرايو، سندس علاج لاءِ جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن کي گهرايو ويو هو.

جمع ڪرايل جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو ته معمول مطابق قيدي جو سول اسپتال، جناح اسپتال يا اين آءِ سي وي ڊي مان علاج ڪرايو ويندو آهي.

جواب ۾ عدالت کي استدعا به ڪئي وئي ته انصاف جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي وضاحت گهرڻ وارو خط اڪلايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*