اڳوڻي آمر پرويز مشرف خلاف ججز نظربندي ڪيس داخل دفتر ڪيو ويو

Pervaiz-Musharaf-24-2-16

اڳوڻي آمر پرويز مشرف خلاف ججز نظربندي ڪيس داخل دفتر ڪيو ويو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران مشرف جي وڪيل ضامنن ضامنن تي لڳايل ڏنڊ جي رقم جمع ڪرائڻ جون رسيدون عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ججز نظربندي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

جج شاهه رخ ارجمند پرويز مشرف جي ٻنهي ضامنن تي 5، 5، لک رپين جو ڏنڊ وڌو،

عدالت جوابدار پرويز مشرف کي اشتهاري جوابدار ۽ گرفتاري جا وارنٽ برقرار رکندي ڪيس داخل دفترڪري ڇڏيو.

پرويز مشرف جي وڪيل اختر ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته ضامنن جي ڏنڊ جي رقم نيشنل بينڪ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن جي رسيد به عدالت ۾ پيش ڪئي وئي آهي.

جج  شاهه رخ ارجمند پرويز مشرف خلاف ججز نظربندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*